ڪراچي (نمائندن وٽان)  سنڌ ۾گيسٽرو، مليريا سميت مختلف بيمارين ۾12 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڀان سيدآباد جي ڳوٺ ٽپٽا پنهور ۾ مليريا وگهي نوجوان سمير پنهور فوت ٿي ويو، واهڙ جي ڳوٺ ملاحسن سيهڙو ۾ مليريا وگهي ناري صوفيا ڌي هاشم سيهڙو فوت ٿي وئي. اڪري چودڳي جي ڳوٺ الله بخش شر ۾ گيسٽرو وگهي هڪ سال جو غلام محمد ولد عبدالغني شر فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ بنگل خان زرداري ۾ 10 سالا نويدان ڌيءُ ممتاز علي زرداري فوت ٿي وئي، ٻي طرف ڳوٺ غلام حسين شر ۾ 2 مهين جو طيب ولد اميرعلي پڻ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو . ميھڙ ڀرسان باليشاهه جو رھواسي پھلوان چانڊيو جو پنج ورھين جو پٽ رابيل چانڊيو گيسٽرو ۽ تيز بخار سبب فوت ٿي ويو.فريد آباد ۾ ايف پي بچاءَ بند تي ويٺل ڳوٺ مانجهاڻي رند واسي پورهيت محمد ايوب رند جو 10 ورھين جو پٽ عطا محمد رند ۽ ايم اين وي ڊرين جي ڪپرن تي ويٺل ٻوڏ متاثر اعجاز کوسو جي 3 ورھين جي معصوم نياڻي سويرا کوسوفوت ٿي وئي.  ڪچي پل جي ڳوٺ رضا محمد بروھي جو رھواسي 5 سال جو نينگر فھيم ولد گل حسن گاڏهي ۽ 4 سال جو نينگر سھيل ولد صدرالدين کوسو گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا.نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 12 ۾ مليريا سبب 50 سالن جو غلام حيدر سولنگي فوت ٿي ويو، جيڪب آباد جي ڳوٺ حسين بخش بروهي ۾ نينگر سراج بروهي مليريا وگهي فوت ٿي ويو، خيرپور ۾ 24 ڪلاڪن اندر گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا وڌيڪ 55 ٻارڙا سٽي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ٻارڙن ۾ زينب، گلزار، نجمه، نجف، انيلا، آسيه، حاڪم، مرڪ، اڪبر، رباب ۽ ٻيا شامل آهن. حيدرآباد ۾ قائم رليف ڪئمپن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ ۽ کاڌي پيتي جون سهولتون اڻلڀ هئڻ بعد پکڙيل بيماريون ختم ناهن ٿي سگهيون جنهن ڪري رڳو 6 ڪئمپن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 872 متاثر مختلف مرضن ۾ مبتلا بڻجي ويا آهن.