عادلپور (ن پ ا) عادلپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊرهو بلو ۾ 4 ٻارن جي ماءُ  30 سالن جي  مسمات مرادا زال سڪندر  بلو  جو گهر مان لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او محمد اسلم چاچڙ ٻڌايو ته لڳي ٿو ته   عورت کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.