سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ سرڪار طرفان 65 رپيا ڪلو عوام کي اٽو فراھم ڪرڻ واري اعلان تي مڪمل عمل نه ٿيو، ان ڏس ۾  سنڌ حڪومت طرفان عوام کي اٽي تي سبسڊي ڏيندي 65 رپيا في ڪلو وڪري جي اعلان بعد فلور مل مالڪن طرفان شھر جي مصروف ترين چوڪن، چوراھن تي اسٽال لڳائڻ بدران سکر ڪريانا مارڪيٽ ۾ 2 دڪانن تي اٽو وڪري لاءِ رکيو ويو آھي، دڪاندارن توڙي شھرين مطابق سبسڊي وارو اٽو غير معياري آھي، ساڳن دڪانن تي معياري اٽو 99 رپين کان 105 رپين تائين وڪرو ٿي رھيو آھي.  پوري شھر ۾ صرف 2 دڪانن تي ملندڙ اٽو به 10 ڪلو کان گھٽ نٿو ملي. ان حوالي سان واپاري اڳواڻ شبير ميمڻ، رضوان قادري، ريڙھو ھلائيندڙ پورھيتن ۽ شھرين ٻڌايو ته اٽي توڙي کاڌ خوراڪ جي شين ۾ ھٿرادو اضافو ڪيو ويو آھي، سنڌ حڪومت طرفان 65 رپيا اٽو فراھم ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو ويو پر اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪو تحرڪ ناھي ورتو ويو، جن دڪانن تي سرڪاري اگھن تي اٽو وڪرو ٿي رھيو آھي اُھو جانورن جي کائڻ جي به قابل ناھي، جڏھن ته ساڳن دڪانن تي ٻيو معياري اٽو 105 رپين تائين في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رھيو آھي. ھنن چيو ته سرڪاري اگھن تي فلور ملز طرفان وڪرو ٿيندڙ اٽو توڙي يوٽيلٽي اسٽورن تي وڪرو ٿيندڙ اٽو غير معياري آھي.  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪري بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي،  ھوڏانھن دڪاندارن ٻڌايو ته فلور مل مان سرڪاري اگھن تي فراھم ڪرڻ لاءِ ايندڙ اٽو جي ڪواليٽي تي خريدار شڪايتون ڪري رھيا آھن، جنھن متعلق فلور مل انتظاميا کي آگاھ ڪيو ويو آھي، اسان کي  جيڪو اٽو فراھم ڪيو پيو وڃي اھو فروخت ڪري رھيا آھيون.