ايڊن برگ(انٽرسٽنگ نيوز) هڪ اسڪاٽش ايٿليٽ يوني سائيڪل (هڪ ڦيٿي واري سائيڪل) تي سوار ٿي 68 ڪلو وزن باربيل پنهنجي مٿي کان مٿي کڻي گنيز عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ايڊن برگ سان تعلق رکندڙ 34 سالن جي جوش اولڊ جو چوڻ هو ته يوني سائيڪل تي سوار ٿي بار بيل ذريعي مٿي کان مٿي سڀ کان وڌيڪ وزن کڻڻ جو آفيشل رڪارڊ هاڻي منهنجي نالي آهي. جوش اولڊ جيڪو پيشي ور يوني سائيڪلسٽ ۽ هڪ ٽي وي سيريز ننجا واريئر ۾ ڪوچ آهي، جو چوڻ هو ته مان پاڻ کي ڪووڊ جي عالمي وبا دوران اهو سيکاريو ته پنهنجون ٻئي عادتون يعني هڪ ڦيٿي واري سصائيڪل هلائڻ ۽ ويٽ لفٽنگ کي ڪهڙي طرح گڏائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اهڙو رڪارڊ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان اڳ هن کي اهڙي تياري ۾ تقريبن 6 هفتا لڳا هئا.