ڪوالالمپور(دلچسپ نيوز) گوگل ميپ تي ڀروسو:گهوٽ غلط هنڌ شادي ڪرڻ پهچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انڊونيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ گهوٽ ڄڃ وٺي گهران نڪتو، گهوٽ گوگل ميپ ذريعي رستو ڳوليندي هڪ شادي هال پهتو، شادي هال ۾ پهرين کان موجود مهمانن ڄڃ جي آجيان ڪئي، گهوٽ کي اسٽيج تي ويهاريو ويو ته اصل ڄڃ به پهچي وئي، ٻيو گهوٽ اسٽيج تي پهچڻ بعد صورتحال دلچسپ بڻجي وئي ان وقت ڪنواريتن کي خبر پئي ته اصل گهوٽ ته هاڻي پهتو آهي جڏهن ته پهرين پهتل گهوٽ کي به خبر پئي ته هو غلط هنڌ پهتو آهي جنهن بعد غلط هنڌ پهتل گهوٽ ڪنواريتن کان معافي وٺي روانو ٿي ويو.