گورک تي وڻڪاري جي نالي ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن

0
173
ملڪ ۾ صدارتي نظام ڪنهن جي خواهش آهي ؟

گورک هل اسٽيشن جي رقم ۾ گهوٻين جي انڪشافن کانپوءِ ذھن ۾خيال اچي ٿو ته سنڌ جي ٻين تاريخي ماڳن لاءِ رکيل  رقمن جو ڪھڙو حال ڪيو ويو ھوندو؟ “پنھنجي اخبار” ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب گورک هل اسٽيشن تي وڻڪاري جي رقم ۾ 4ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. آڊيٽر جنرل جي آ ڊٽ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 100ملين روپيا وڻڪاري جي مھم لاءِ ڏنا ويا، اٿارٽي وارن لکين ٻوٽا  لڳائڻ جي بجاءِ خاول لڪ وٽ ڪجهه ٻوٽا لڳايا. آڊٽ رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو ته ٽيم گورک هل اسٽيشن جو دورو ڪيو ته انڪشاف ٿيو ته خاول لڪ کانسواءِ ڪٿي به ٻوٽا لڳل نظر نه آيا، اٿارٽي پاران وڻڪاري جي مھم لاءِ 2008-9 ع ۾ھڪ ڪروڙ 48لک58ھزار421 ۽ سال 2009-10ع ۾2ڪروڙ 47لک 97ھزار روپيا ڄاڻايل اٿارٽي وارن پنھنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، حالانڪه انتظاميا کي ڪوھه مري، ڪاغان ۽ ٻين ماڳن وانگر گورک هل تي ايپل، پائن، اخروٽ ۽ ٻيا وڻ لگائڻا ھئا.

  آ ڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ ڄڻ ھڪ قسم جو معمولي  انڪشاف ٿيو آهي پر جيڪڏهن سنڌ جي تاريخي ماڳن جي بجيٽ تي نظر وڌي وڃي ته ان جو ڪھڙو حال ڪيو ويو ھوندو،اھو ته تاريخي ماڳن جي  زبون حالي مان به لڳائي سگھجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي پنھنجي تڪ جي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر  تباهي جي ڪناري تي اچي وئي آهي. ڍنڍ ۾ زھريلي پاڻي جي گڏجڻ سبب مڇي جو نسل ختم ٿيندو پيو وڃي. مقامي مھاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن مقامي مھاڻن جو روزگار ختم ٿي ويو آهي. ساڳي طرح ٿر جي ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري ان جي خوبصورتي ختم ڪئي پئي وڃي خير عدالت جي حڪم کانپوءِ ان جي بچڻ جو ڪجهه آسرو پيدا ٿيو آهي. ساڳي طرح موھن جو دڙو، ڪوٽڏيجي  جو قلعو ۽ ٻيا تاريخي ماڳ تباهي جي ڪناري تي اچي ويا آهن. حالانڪه دنيا جي ملڪن ۾ تاريخي ماڳن جي حفاظت حڪومتون توڙي مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪندا آ ھن، اسلام آباد۾ 27سالن جي عرصي  دوران ڪيترائي دفعا مختلف حڪمرانن جن۾ نوازشريف، جنرل پرويز مشرف، شوڪت عزيز، يوسف رضا گيلاني شامل رھيا انهن جي سرڪاري دورن ۾ مختلف ملڪن جي تاريخي ماڳن کي ويجھو ڏسڻ جو موقعو ملندو رھيو.

ھندستان جي شھر آگرا  ۾ تاج محل، فرانس جي شھر پيرس۾ ايفل ٽاور، سوئٽزرلينڊ جو تاريخي ماڳ ڊيوس ڏسڻ جو موقعو مليو.ڪوهه مري ۾ تازو پيل برفباري کانپوءِ  2008ع ۾ ڊيوس ۾ٿيل برفباري ياد اچي وئي ته ڪوھه مري ۾ پيل برفباري ڪجهه به ناهي، ليڪن اتي جيڪي انساني جانيون ضايع ٿيون اھي صرف حڪمرانن جي نااهلي سبب ويون، ڊيوس ۾ ھن مھيني ۾ ايتري برفباري ٿيندي آھي جو اتي ڍنڍ پٿر ٿي ويندي آھي. سياح ان ڍنڍ تي گاڏيون ھلائي لطف اندوز ٿيندا آھن. ساڳي طرح روس جي شهر ماسڪو ۾  پڻ برفباري جي موسم اھڙي ٿيندي آهي ليڪن مري جھڙو سانحو  نه ٿيندو آهي. مصر جو تاريخي ماڳ شرم الشيخ  پڻ ھڪ حيثيت رکي ٿو، اتي وري سياح گرمين۾ ويندا آهن جو اتي ٻيٽ آھي. ڏينھن جو سياح تفريح ڪرڻ، ٻيڙين ۾ گهمڻ کانپوءِ رات جو ھوٽلن ۾ مصري قدآور خوبصورت ڇوڪرين جي ڊانس ۾ گذاريندا آھن. ترڪي جي شهر استنبول توڙي انقرا ۾ پڻ تاريخي ماڳ آھن جتي ميوزيم ۾رکيل تاريخي شيون شامل آهن  جن کي ڏسڻ کانپوءِ ڪڏهن به ذھن۾ ايئن محسوس نه ٿيو ته  ڪيئي سئو سال گذري ويا آهن، بلڪه ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هڪ ڏينهن پھرين جون شيون رکيل آھن.  مليشيا جي ڪوالالمپور شهر پڻ تاريخي حيثيت رکي ٿو.

ڳالھه جو مقصد ته تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ وقت جي حڪمرانن جو فرض آھي ، گورک هل اسٽيشن جو چيئرمين حڪومتي ايم اين اي رفيق جمالي آھي جنھن تي پھرين ئي نيب ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ۽ ھو عبوري ضمانت تي آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان وٺي تقريبن سنڌ حڪومت جي ھر وزير يا پيپلزپارٽي جي قيادت تي ڪرپشن جا ڪيس ھلي رھيا آھن جن جو فيصلو ڪڏهن ٿيندو،اھو وقت ثابت ڪندو پر نيب چيئرمين پاڻ سنڌ حڪومت تي 40ارب روپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي وڃڻ جو الزام لڳايو آهي ان جي به  انڪوائري ٿيڻ کپي.