شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

0
170
شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري
شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي(م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور جي احتساب عدالت ۾ پنجاب پاور ڊولپمينٽ ڪمپني، ايرا ۽ سرڪاري کاتن جي فنڊن ۾ گهوٻين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي عمران يوسف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

عدالت رابعه عمران ۽ عمران يوسف جا مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻنهي جوابدارن جي متفرق ۽ غير متفرق ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت چيو ته جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ کان اڳ پيشي لاءِ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو پر شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي عدالت جي رعايت جو فائدو نه ورتو، تنهن ڪري ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري ۽ عدالت ۾ پيشي تائين وارنٽ گرفتار تائين برقرار رهندا

واضح رهي ته رابعه عمران، عمران يوسف ۽ ٻين جوابدارن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مني لانڊرنگ ايڪٽ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن