لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي وڏ وزارت تان هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ کيس هٽائڻ جي نوٽيفڪيشن خلاف منع نامي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. گورنر بليغ الرحمان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت 17 ڏينهن جو وقت ڏنو هو پر وڏي وزير اعتماد جو ووٽ نه ورتو. جسٽس عابد عزيز شيخ چيو آخر ۾ ته وڏي وزير جو فيصلو ميمبرن کي ئي ڪرڻو آهي، عدالت اعتماد جي ووٽ لاءِ مناسب وقت ڏئي سگهي ٿي. پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته هو ان قانوني نڪتي تي دليل ڏيندو، جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ته وڏي وزير وٽ 24 ئي ڪلاڪ 186 ميمبرن جي حمايت هجڻ گهرجي. اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته وڏي وزير جو گورنر جي چوڻ تي ووٽ وٺڻ ضروري آهي. جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ته ڪا ڌر نمبرن کي هٿ لڳائڻ لاءِ تيار ناهي، سڀ سوچي رهيا آهن ته اڳ ۾ جيڪو ڪندو اهو ئي ڀريندو. اٽارني جنرل چيو پرويز الاهي مناسب وقت جو نڪتو اٿاريو پر هاڻ معاملو مناسب وقت کان ٻاهر اچي چڪو آهي، اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان وڏي وزير کي ڪنهن نه روڪيو هو. جسٽس عابد عزيز شيخ چيو جيڪڏهن اتفاق راءِ ناهي ته عدالت ان جو ميرٽ تي فيصلو ڪندي. بئريسٽر علي ظفر چيو ته وڏي وزير ۽ ڪابينا کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن ٿيو ته بي اعتمادي به واپس وٺي هڪ سياسي گيم کيڏي وئي، گورنر اعتماد جي ووٽ جو چئي سگهي ٿو پر اجلاس جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار اسپيڪر کي آهي. اسپيڪر اڳ کان اجلاس ڪري رهيو آهي، اسپيڪر جي اجلاس نه گهرائڻ تي وڏي وزير کي سزا نٿي ڏئي سگهجي. جسٽس عاصم حفيظ ريمارڪس ڏنا ته آئين تحت گورنر ۽ اسپيڪر اڻ ڌريا هوندا آهن پر هتي گورنر ۽ اسپيڪر جماعتن جا ترجمان بڻيل آهن، جسٽس عابد عزيز شيخ چيو ته اسپيڪر الڳ تاريخ ڏئي سگهي ٿو. بئريسٽر علي ظفر چيو ته پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي پر ڳالهه اصول جي آهي. عدالت وقت ختم ٿيڻ تي ٻڌڻي خميس 12 جنوري تائين ملتوي ڪندي منع نامي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، پرويز الاهي جو وڪيل علي ظفر 12 جنوري تي دليل جاري رکندو.