گورنر عمران اسماعيل پي ٽي آءِ اڳواڻ زيد ٽالپر جي گهر تي چڙهائي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

0
115

ڪراچي: صوبائي وزير تيمور ٽالپر طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ جي پُٽ تي تشدد وارو مامرو سياسي تڪرار ۾ تبديل ٿي ويو، گورنر عمران اسماعيل پي ٽي آءِ اڳواڻ زيد ٽالپر جي گهر تي چڙهائي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي.

 وزيراعظم جي خاص معاون ارباب رحيم سان فون تي رابطو ڪري واقعي جا تفصيل ورتا، پوليس تيمور ٽالپر هٿان مبينا تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان حسن ٽالپر جو ڪيس به داخل نه ڪيو،  پي ٽي آءِ اڳواڻ زيد ٽالپر جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي سائوٿ جي اڳواڻي ۾ پوليس بنگلي مان سي سي ٽي وي فٽيجز جو رڪارڊ کڻي وئي آهي، ڪراچي پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، انصاف لاءِ عدالت وينداسين.