قانون ۽ آئيني گهرجون ٽوڙي نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي: شاھد خاقان عباسي

0
116
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو
اي سي ايل مان نالو ڪڍو: شاهد خاقان عباسي جو عدالت سان رابطو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قانون ۽ آئيني گهرجون ٽوڙي نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، صدر عارف علوي قلم کڻي وزيرن جي تيار ڪيل آرڊيننس تي صحيحن لاءِ تيار ويٺو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پينڊورا پيپرز ۾ شامل ماڻهو ٻڌائين ته اُنهن ڪمپنيز ٺاهڻ لاءِ پئسا ڪيئن موڪليا؟، حڪومت جي ذميواري آهي ته جيڪو طريقيڪار نواز شريف سان اختيار ڪيو ويو، اُهو ساڳيو اِنهن 700 ماڻهن خلاف به اختيار ڪيو وڃي.