گھوڙاٻاري (ن پ ا) گھوڙاٻاري ويجھو 2 ھفتا اڳ ٻارڻ موري ڀرسان سنڌو درياهه مان 12 سالن جي معصوم بشير ملاح جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو هو. ڄاڻايل نينگر جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن ابراھيم ملاح ۽ شڪيل ملاح کي گھوڙاٻاري پير پٺو پوليس ٺٽي جي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ ٽن ڏينھن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو. گرفتار جوابدارن پوليس اڳيان معصوم بشير ملاح  کي بدفعلي ڪري سنڌو درياهه ۾ ٻوڙي مارڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس پوسٽ پير پٺو جي انچارج ۽ جاچ آفيسر محمد حسن پتافي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ سميت ميڊيڪل ڪرائي وئي آھي. مقتول جي قبر ڪشائي لاء لکپڙھ ڪئي وئي آھي، جيئن ئي رپورٽ ايندي ته قبر تي پوليس مقرر ڪئي ويندي. ھن ٻڌايو ته جوابدارن معصوم بشير ملاح سان ڏاڍائي بعد قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جسماني رمانڊ کان پوءِ ٻيھر کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ھن ٻڌايو ته معصوم بشير ملاح جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي  مقتول جي وارثن سان انصاف ٿيندو.