خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد دائود ڳوٺ ۾ جوابدار 8 سال جي عقيل پٽ شڪيل مڱڻهار کي اغوا بعد بعد فعلي جو نشانو بڻائي سخت زخمي ۽ بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ کان پوءِ ٻارڙي جي وارثن کيس بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جو علاج ڪيو پيو وڃي. واقعي بعد ٻارڙي جي والد شڪيل مڱڻهار سي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار علي شير ڦلپوٽو خلاف اين سي داخل ڪرائي ورتي آهي، شڪيل مڱڻهار ٻڌايو ته پٽ کي جوابدار علي شير ڦلپوٽو اغوا ڪري ويو جنهن ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪئي، منهنجو معصوم پٽ زخمي حالت ۾ آهي سندس رت نه پيو بيهي، ڊاڪٽر سندس علاج ڪري رهيا آهن، منهنجي معصوم پٽ سان ظلم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري کيس سخت سزا ڏني وڃي.