گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي شهر جي ڀٽي محلي جي رهواسي کدڙا فقيرن نيها فقير، ريحانا فقير، بابره فقير ۽ ٻين اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته رفيق ڀٽي، شوڪت ڀٽي ۽ ٻين ريڙهي هلائيندڙ ڀاءُ ڪوڙو ڀٽي مٿان حملو ڪري تشدد ڪيو. هن چيو ته جوابدارن خلاف ٿاڻي تي فرياد لاءِ ويو ته پوليس ڪوڙو ڀٽي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري اسان کي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙ کدڙا فقيرن جو چوڻ هو ته جوابدار ايترا ته بااثر آهن جو ٿاڻي اندر اسان کي پوليس جي سامهون موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن جوابدارن ۽ ٻين مان جان کي خطرو آهي معاملو جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جلد مسئلو حل ڪيو ويندو.