گهوٽڪي ۾ نافرمان پُٽ پيءُ کي پئسا نه ڏيڻ تي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو

0
366

گهوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي ۾ نافرمان پٽ هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پيرسن پيء کي پئسا نه ڏيڻ تي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، رحم والي محلي جي رهواسي محمد رفيق پنجابي کي نافرمان پٽ غلام محمد پنجابي پئسا نه ڏيڻ تي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، متاثر پيرسن محمد رفيق پنجابي جو چوڻ آهي ته پٽ غلام محمد پهريان به ڪجه وقت اڳ پئسا نه ڏيڻ تي 5 ڏينهن تائين گهر ۾ قيد ڪري رکيو هو، اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پٽ غلام محمد خلاف ڪاروائي نٿي ڪري ۽ هن کي ٿاڻي تان واپس موٽائي ڇڏيو آهي، پيرسن جو چوڻ آهي ته هوٽل تي مزدوري ڪري ٻچڙن کي پڙهائي وڏو ڪري شادي ڪرائي پر پٽ آخر ۾ اهو سلو ڏنو جو تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آھي، پٽ ۽ نهن گهر ۾ قيد ڪري ماني پاڻي به بند ڪري ڇڏيو هو هاڻ مونسان انصاف ڪيو وڃي.