ڌاٻيجي ويجھو عورت جو تشدد ٿيل لاش ھٿ

0
202

ڌاٻيجي(ن پ ا) ڌاٻيجي ويجھو فارم ھاؤس مان 32 ورھين جي عورت جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آهي، عورت جي سڄاڻپ زينت خاصخيلي جي نالي سان ٿي آھي، جنهن جي وارثن پاران مڙس تي قتل جو الزام هنيو ويو آهي، واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش پنھنجي تعويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، قتل ٿيل عورت جي ڀيڻ جو بيان سامھون آيو آھي ته گذريل سال منھنجي ڀيڻ سان جمال ملاح پسند جو پرڻو ڪيو ھو، ھن گذريل رات منھنجي گھر اچي چيو ته تنھنجي ڀيڻ جي طبيعت سھي نه آھي، ڀيڻ کي سندس مڙس جمال ملاح قتل ڪيو آھي، پوليس جو چوڻ آھي وارثن کان بيان ورتا آھن جاچ ڪري رھيا آھيون.