گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ حاجي شاهه ڪهيري واسي 14 ورهين جو نينگر عبدالڪريم اعواڻ واهه ۾ پير ترڪڻ سبب ڪري ٻڏي ويو، اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي نينگر جو لاش پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي موت جي تصديق ڪئي، ٻي طرف نينگر جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.