حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان سنڌ جي ڪينالن ۽ واهن تي ٽيليميٽري نظام لڳايو وڃي ته جيئن پاڻي جي ورڇ جون شڪايتون ختم ٿي سگهن. سنڌ آبادگار بورڊ طرفان سنڌ حڪومت کي زراعت جي شعبي جي ترقي بابت مالي سال 22-2021ع لاءِ موڪليل بجيٽ تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته آبپاشي جي نظام کي اثرائتو ۽ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺڻ جي ضرورت آهي. تجويز ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ سان گڏ ورلڊ بئنڪ جي هلندڙ پروگرامن تحت ڊرپ ۽ اسپرنڪلر آبپاشي نظام کي به هٿي ڏني وڃي ته جيئن گهٽ پاڻي جي مدد سان وڌيڪ زمين پوکي هيٺ آڻي سگهجي. ان کانسواءِ 57 هزار 500 واٽر ڪورسن مان گهٽ ۾ گهٽ 75 سيڪڙو واٽر ڪورسن کي ڊيگهه جي لحاظ سان پڪو ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو وڃي. تجويز ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڻي جي ذيان کي روڪڻ لاءِ تباهه ۽ ناڪاره ٿيل ريگيوليٽرن کي به بحال ڪيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ حڪومت جو ڌيان پوري ملڪ مان سنڌ ۾ ايندڙ زهريلي پاڻي طرف ڇڪائيندي چيو آهي ته ان پاڻي جي ڪري سنڌ صوبو سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سان نه رڳو زمين پر سنڌو ندي، ڍنڍون ۽ مٺي پاڻي جا کوهه به متاثر ٿيا آهن. زهريلي پاڻي جي ڪري پيدا ٿيندڙ گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ آر بي او ڊي جي رٿا کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي وڌيڪ زمين تباهي کان بچي سگهي. بجيٽ تجويزن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مينهن جي پاڻي جي نيڪال جو اثرائتو نظام نه هئڻ ڪري صوبو موسمياتي تبديلين جي ڪري گهڻو متاثر ٿيو آهي. زمينن جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ واري منصوبي کي ترجيح بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، ڀاڄين ۽ ميون جي اسٽوريج لاءِ پيڪ هائوسز، پروسيسنگ جي ويليو ايڊڊ انڊسٽري لاءِ ون ونڊو آپريشن شروع ڪرڻ، ميون ۽ ڀاڄين جي پوکي ڪندڙ آبادگارن کي 10 سالن جي ڊگهي مدي وارا قرض ٽن سالن کانپوءِ واپسي جي بنياد تي ڏيڻ، زرعي جنسن جي اگهن کي استحڪام ڏيڻ، ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ، ٽماٽن، بصرن، ڪپهه، تيل ۽ دالين جي ڊيوٽي فري درآمد کي ڪنٽرول ڪرڻ جون تجويزون به ڏنيون ويون. مطالبو ڪيو ويو ته پرڏيهه مان 10 سالن تائين جا پراڻا ٽريڪٽر ڊيوٽي فري بنيادن تي گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي. پاڪستان ۾ کير ۽ گوشت جي پيداوار دنيا جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ آهي ان ڪري کير جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ ڍورن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ چارو ٺاهڻ جون ٽيڪنيڪي خدمتون بهتر علاج ۽ دوائن جو مفت بندوبست ڪيو وڃي ۽ جانورن تي تحقيق ڪري نوان نسل پيدا ڪيا وڃن. گڏوگڏ ننڍن ۽ وچولن آبادگارن لاءِ انشورنس اسڪيم پڻ شروع ڪئي وڃي.