گهوٽڪي پوليس پاران اغوا ٿيل لکڻ برادري ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
443

رائونتي: گهوٽڪي پوليس پاران ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿيل لکڻ برادري جي ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. گهوٽڪي پوليس موجب ڪلھ کان ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو سين، اغوا ٿي ويل سليم لکڻ، صدورو ۽ حبيب لکڻ کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.ٽي ڏينهن اڳ آندل سُندراڻي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل لکڻ برادري جي ٽن ڳوٺاڻن جي بازيابي لاء پوليس سوناڻي شرن جي گهرن کي ڪڙو چاڙهيو هو. اڄ صبح سوير کان آپريشن ھلندڙ هو, مقابلي بعد مغوين کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، پوليس دعويٰ ڪئي ته ڏوهارين جي گهرن کي باهيون ڏنيون سين ڪجهه ماڻهو گرفتار به ڪيا.