رئيس غلام قادر مري ۽ سلامت لاکي ۾ اصل تڪرار ڪهڙو آهي؟؟ ڌريون ڇا ٿيون چون؟؟

0
909

ٽنڊو الهيار: ٽنڊوالهيار ۾ آصف زردراي جي ويجهي ساٿي رئيس غلام قادر مري ۽ سنڌ بارڪائونسل جي ميمبر ميرپورخاص جي رهواسي رئيس غلام قادر مري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار وري ڪر کنيو آهي، گذريل ڏينهن سلامت لاکي سميت 6 ڄڻن مٿان رئيس غلام قادر مري جي ڏوهٽي درياخان مري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جي ايف آئي آر سلطان آباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي سلامت لاکي رئيس غلام قادر مري جي ڏوهٽي درياخان مري جي فرياد تي داخل ڪرايل ايف آئي آر کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ونگارو پوليس طرفان جهليل فورچونر ۾ منهنجو 13 ورهين جو پٽ ۽ سندس عمر جا دوست سوار هئا جيڪي حيدرآباد کان ميرپورخاص اچي رهيا هئا جن کي پوليس ڇڏي گاڏيءَ کي بيهاري ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهي کان اڳ به غلام قادر مري مون مٿان ڪيتريون ئي ايف آئي آر مختلف ٿاڻن تي داخل ڪرايون ۽ اهي ڪوڙيون ڪري خارج ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته غلام قادر مري جي بليڪ ميلنگ بابت آصف زرداري کي به دانهن ڏئي چڪو آهيان پر تدارڪ نه ٿيو۔انشاء الله جيت حق ۽ سچ جي ٿيندي ۔هن اهو به ٻڌايو ته مون سميت ٻين دوستن تي ونگارو ايس ايچ او جي مدد سان اغوا جي ڪوشش وارو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن بابت اسين عدالت سڳوري ۾ وڃي انصاف وٺنداسين. هوڏانهن ان ڏس ۾ رئيس غلام قادر مري جي ڏوهٽي درياخان مري چيو ته آئون حيدرآباد کان واپس ڳوٺ اچي رهيو هئس ته ٻن گاڏين ۾ سوار هٿياربندن منهنجو پيچو ڪيو، جنهن ۾ هڪ گاڏي ۾ سلامت لاکو ۽ ان جا هٿياربند ويٺل هئا جن مونکي بيهڻ لاءِ چيو پر آئون ڪونه بيٺس، جنهن جو اطلاع مون پوليس کي ڏنو جنهن گاڏي کي سلطان آباد پوليس جهليو آهي پر جوابدار فرار ٿي ويا آهن.هوڏانهن ايس ايچ او سلطان آباد مظهر مهدي چيو ته دريا خان مري جي دانهن تي اسان هڪ فورچونر جهلي آهي، اها گاڏي سلامت لاکي جي آهي انهي ۾ سوار سلامت لاکو ۽ ان جا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن جن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ تمام جلد انهن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته غلام قادر مري ۽ سلامت لاکي وچ ۾ ميرپور خاص ۾ پلاٽنگ لاءِ هڪ سوسائيٽي جي مالڪي تان ڪافي وقت کان تڪرار هلندڙ آهي، جڏهن ته باخبر ذريعن کان اها به خبر پئي آهي ته سلامت لاکي کي هن وقت فريال ٽالپر جي حمايت حاصل آهي جڏهن ته رئيس غلام قادر مري آصف زرداري جون زرعي زمينون سنڀاليندڙ هن جي دوستن ۾ شمار ٿئي ٿو، جڏهن ته ٽنڊوالهيار ۾ فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جون زرعي زمينون ڌار ڌار آهن جن تي فام هائوس بڻيل آهن.