گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ويجهو تيز رفتاريءَ سبب وين گاڏيءَ جي ڇت تي ويٺل نوجوان روڊ تي ڪِري زخمي ٿي پيو، وين ڊرائيور ڄاڃين کي لاهي ستن سالن جي معصوم نينگر کي کڻي فرار ٿي ويو. گهوٽڪي شهر جي رحموالي محلي جي رهواسين رشيد احمد، رياض احمد چنا ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته رينٽ تي وين ڪرائي گهوٽ کي پرڻائڻ وڃي رهيا هئاسين. منع ڪرڻ باوجود ڊرائيور وين تيز هلائي، جنهن سبب وين جي ڇت تي ويٺل گهوٽ جو ڀاءُ فياض احمد چنو روڊ تي ڪِري زخمي ٿي پيو. ان دوران وين ڊرائيور ڄاڃين کي لاهي ستن  سالن جي غلام رسول چنا کي کڻي فرار ٿي ويو. اي سيڪشن پوليس بروقت ڪارروائي ڪري وين کي تحويل ۾ وٺي نينگر کي هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته وين ڊرائيور غلام مصطفيٰ سومرو فرار ٿي ويو. زخمي نوجوان کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته وين ڊرائيور کي گرفتار ڪيو وڃي.