گمبٽ (ن پ ا) گمس ۾ لور ٽرانسپلانٽ جي آپريشن لاءِ آيل ملتان واسي مريض لياقت علي کان رشوت طور پئسا وٺڻ جي الزام هيٺ هڪ ڊاڪٽر ۽ سندس بروڪر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ ٻڌايو ته ملتان واسي مريض لياقت علي جي وارثن دانهيو آهي ته گمس اسپتال ۾ سندن مريض کان لور ٽرانسپلانٽ جي آپريشن لاءِ هڪ خانگي ڊاڪٽر عبدالعزيز پلهه ۽ سندس بروڪر قاصد حسين خاصخيليءَ 8 لک رشوت طور گهريا آهن ۽ 10 هزار رپيا ايڊوانس طور کين ڏنا آهن، جڏهن ته وڌيڪ رقم لاءِ بروڪر مريض جي وارثن کي هڪ بئنڪ جو اڪائونٽ پڻ ڏنو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڄاڻ ملي آهي ته اهڙو ڪڌو ڪم ڪندڙ خانگي ڊاڪٽر عبدالعزيز رشيا ۾ تعليم پرائي رهيو آهي. مريضن جي وارثن پاران اهڙي دانهن ڏيڻ ۽ الزام هيٺ ايندڙن وٽان 10 هزار رپيا هٿ اچڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن ٻنهي ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي. هن چيو ته ڪجهه ٻاهريان ماڻهو گمس اسپتال کي بدنام ڪرڻ لاءِ اهڙيون سازشون ڪري رهيا آهن، عام ماڻهو اهڙن نوسربازن کان پرهيز ڪن ۽ پاڻ کي ڦرائڻ کان بچائين، گمس اسپتال ۾ مفت آپريشن ڪيا ويندا آهن، اگر ڪو به ماڻهو مريض جي وارثن کان آپريشن جا پئسا گهرن ٿا ته اهڙي گمس ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ شڪايت درج ڪرائين ته جيئن اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي مفت علاج جون سهولتون ملي سگهن. هوڏانهن گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گمس ڊائريڪٽر جي اطلاع تي عبدالعزيز پلهه ۽ قاصد حسين خاصخيلي کي گرفتار ڪيو آهي ۽ وٽانئن رشوت طور ورتل 10 هزار رپيا هٿ آيا آهن، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته گمس ڊائريڪٽر يا متاثر مريض جو ڪو به وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي ناهي آيو. ٻئي طرف ذريعن موجب ته ڪجهه بااثر ماڻهو گرفتار ڪيل ڊاڪٽر ۽ بروڪر کي بچائڻ ۽ معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن ۽ ملتان واسي مريض جي وارثن توڙي گمس ڊائريڪٽر کي منٿون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پوليس سان ڏيتي ليتي لاءِ پڻ ڪجهه ماڻهو سرگرم ٿي ويا آهن.