ڪراچي/ ملير (نمائندن وٽان) دھشتگردي ٽوڙ عدالت بحريه ٽائون ھنگامي واري ڪيس ۾ گرفتار جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت 5 ڄڻن جي جسماني ريمانڊ ۾ ٻن ڏينھن جي واڌ ڪندي کين ٻيھر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کان سومر ڏينھن صنعان قريشي ۽ ٻين کان پڇا ڳاڇا بابت ريمانڊ رپورٽ به طلب ڪري ورتي آھي. ڪالهه پوليس صبح جو صنعان قريشي کي بڪتر بند گاڏي ۾ جڏھن ته سندس ٻين ساٿين کي پوليس موبائيل ذريعي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو. پوليس صنعان قريشي کان جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست پيش ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪندي صنعان قريشي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينھن جي واڌ ڪندي کيس ٻيھر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ڄاڻايل ڪيس ۾ گرفتار نظر بروھي، تنوير ۽ سلمان سميت چئن ڄڻن کي به ٻيھر پوليس حوالي ڪيو. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته زيادتي ٿي رھي آھي پر ھاڻي ان تي ڇا ڳالھائجي؟ صنعان خان قريشي ياد ماضي دل نه ڪر، جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو وارو شعر پڙھڻ بعد پوليس جي بڪتر بند ۾ ويھي رھيو. ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ (جوڻيجو) جي چيئرمين ۽ سينيئر وڪيل عبدالخالق جوڻيجو بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه واري ھڪئي واقعي جا 22 ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آھي. درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، گھرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي، ملير جي ايس ايس پي ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه جي ھڪ واقعي بابت درخواستگذار عبدالخالق جوڻيجو ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، ِ هن وقت تائين ملير پوليس هڪئي واقعي جا 22 ڪيس داخل ڪيا آھن، جيڪو قانون ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي خلاف آھي. سپريم ڪورٽ تازي فيصلي ۾ قرار ڏنو آھي ته ھڪ ئي واقعي جا ڌار ڌار ڪيس داخل نه ٿا ڪرائي سگھجن پر ان باوجود ملير پوليس ڄاڻايل ھڪ واقعي بابت 22 ڪيس داخل ڪيا آھن جنھن جو مقصد سول سوسائٽي ۽ مقامي ماڻھن کي بحريه ٽائون جي زيادتين تي خاموش رکڻ آھي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آھي ته بحريه ٽائون واقعي بابت داخل ڪيل 22 ڪيسن کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.ٻئي طرف گڏاپ ٿاڻي تي بحريا ٽائون واقعي جي متاثر اسٽيٽ ايجنٽن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاھ ۽ خالق جوڻيجو سميت 10 هزار نامعلوم ماڻھن مٿان وڌيڪ 4 ڪيس داخل ڪرايا آهن، جنهن بعد ڪيسن جو انگ 22 ٿي ويو

ڪراچي: بحريا ٽائون واري ڌرڻي ۽ پوءِ واري پيدا ٿيل صورتحال ۽ گرفتارين واري مامري تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو سربراهي اجلاس اڄ ڇنڇر تي منجهند 3 وڳي جي ايم سيد ايڊيفيس سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشوري تي ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندو. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ترجمان موجب اجلاس ۾ بحريا ٽائون واري ڌرڻي دوران پيدا ٿيل صورتحال، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ، صنعان خان قريشي سوڌو سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي گرفتارين، ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويندو ۽ سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران اعلانيل احتجاج بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي جنهن کان پوءِ شام 6 وڳي پريس بريفنگ ڏني ويندي. ٻئي طرف حيدرآباد، ملير، سکر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، خيرپور، جهڏو، ٺل، شهدادپور، قاضي احمد، ڄام صاحب، ٻانڌي، سڪرنڊ ۽ ڀرياروڊ ۾ جسقم، عوامي تحريڪ ۽ وڪيل برادريءَ پاران صنعان قريشي ۽ ٻين جي گرفتاري ۽ اياز لطيف پليجو تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون.