گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان لولائي شاخ وٽ پوليس اهلڪار عبدالحق وساڻ،حبيب الله ناريجو ۽ صلاح مڱڻيجو چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته ٻن موٽرسائيڪل سوارن وٽان چرس هٿ آيو. رفتار ڪرڻ تي جوابدارن پنهنجي ٻين ساٿين کي گھرائي پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ڪٽڪو ڏيڻ بعد ڪلاشن ۽ پسٽل کسي ڦرار ٿي ويا. ان موقعي تي گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجھي اطلاع تي پوليس اهلڪار لولائي شاخ وٽ چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته ٻه موٽرسائيڪل سوار چيڪنگ دوران چرس سميت پڪڙجي پيا جن کي اهلڪارن گرفتار ڪيو ته گرفتار جوبدارن پنهنجا ٻيا ساٿي گھرائي پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻايو تشدد ڪري سرڪاري هٿيار ڦر ڪري ويا آهن. جنهن بعد ايس ايڇ او گمبٽ ضلعي جي 10 ٿاڻن کان وڌيڪ جي پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ پهلوان شر تي چڙهائي ڪري 3 ڪلاڪن بعد سرڪاري هٿيار واپس ڪرائي ورتا آهن. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار گھر خالي ڪري ڦرار ٿي ويا آهن. گھرن ۾ عورتن کان سواءِ ڪو به نه آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا جاري آهن. جوابدارن جا نالا فلحال راز ۾ رکيا ويا آهن. گرفتاري بعد جوابدارن جا نالا ظاهر ڪيا ويندا. پوليس اهلڪارن کان هٿيار کسيندڙن تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.