حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار پاران رانسپورٽ بند ڪرڻ واري حڪم کي حيدرآباد جي ٽرانسپورٽرز هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، سڄو ڏينهن حيدرآباد کان ڪراچي ۽ ٻين ضلعن ڏانهن ٽرانسپورٽ معمول موجب جاري رهي، شام ڌاري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي نالي ماتر ڪارروايون ڪري 8 گاڏيون تحويل ۾ وٺي ٽرانسپورٽرز کان مجموعي طور 42 هزار رپيا ڏنڊ پڻ وصول ڪيو آهي.سنڌ سرڪار ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين ٽرانسپورٽ بند رکڻ جو حڪم ڏنو هو پر تنهن باوجود حيدرآباد جي مک جنرل بدين بس اسٽينڊ سميت ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي آشيرواڌ سان هلندڙ غيرقانوني بس اڏن، وينن توڙي ڪارن جي اڏن تان سڄو ڏينهن حيدرآباد کان ڪراچي، بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور سميت مڙني ضلعن ۾ ٽرانسپورٽ معمول موجب جاري رهي. ٽرانسپورٽرز مسافرن کي گنجائش کان وڌيڪ گاڏين ۾ ويهاري ايس او پيز جي به ڀڃڪڙي ڪئي پر انتظاميا سڄو ڏينهن سنڌ سرڪار جو حڪم نه مڃيندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. شام ڌاري سنڌ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري وحيد پنهور بدين بس اسٽينڊ تي پهچي نالي ماتر ڪارروايون ڪيون.