گمبٽ ۾ انڙ- بهليم تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

0
179
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ۾ انڙ- بهليم تڪرار تيز ٿي ويو، ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڳوٺاڻا مارجي ويا

انڙ-بهليم تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي، فائرنگ ۾زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ڄڻي دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ 2ٿي ويو آهي

محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد ۾ انڙ ۽ بهليم برادرين ۾ زمين جي معاملي تان فائرنگ ۾ شهزادو بهليم زخمي ٿي پيو هو

گمس اسپتال ۾ زخمي ٿيل شهزادي بهليم دم  ڏئي ڇڏيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار  آهي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي

ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾  لال بخش بهليم ٿڏي تي ئي مارجي ويو هو ، علائقي ۾ خوف جي صورتحال آهي، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس 3 ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو