لائبا خان لاءِ ڊرائيور جو رشتو آيو: والده جو انڪشاف

0
279

ڪراچي(شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا لائبا خان جي اولدا انڪشاف ڪيو آهي ته لائبا لاءِ سعودي عرب مان ڊرائيور جو رشتو آيو آهي

تفصيل موجب پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ قدم ڄمائيندڙ خوبصورت اداڪارا لائبا خان پنهنجي والدا سان هڪ خانگي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميزبان اداڪارا کان شادي بابت سوال پڇيو جنهن تي هو خاموش رهي پر سندس والدا جواب ڏنو ته لائبا لاءِ ڊرائيور جو رشتو آيو آهي

هن ٻڌايو ته هو تازو لائبا سان گڏ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وئي هئي، جٿي زيارتن لاءِ هن ٽيڪسي ڪرائي جڏهن واپس ڪراچي آياسين ته ان ٽيڪسي جي ڊرائيور فون ڪري  لائبا جو رشتو گهريو

ڊرائيور چيو ته گاڏي منهنجي پنهنجي آهي ۽ آئون لائبا سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿوجنهن تي مون ڪجهه نه چيو ۽ ڪال ڪٽي ڇڏي ۽ لائبا کي مبارڪون ڏنيون ته تنهنجي لاءِ رشتو آيو آهي