مٽياري ( رپورٽر )  سنڌي ادبي سنگت ضلعي مٽياري پاران اديب ۽ محقق گل حسن ڪلمتي ،ليجنڊ اداڪارا شبيران چنا، ناليواري اداڪار ۽ ملهه پھلوان رياض ٻاٽي، سماج سڌارڪ پريل ڀنڀرو ۽ سينيئر صحافي عبدالڪريم ميمڻ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ميڙاڪي جي صدارت تاريخدان مقصود قاضي ڪري رھيو ھو، جڏھن ته مھمان خاص ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ضلعي رابطه سيڪريٽري امداد شاھ بخاري ھئا. ميڙاڪي ۾ شاعر خيال کتري سگھڙ نذير احمد ميمڻ . اياز چنڊ ۽ حاجي سونھارو ٽڳڙ ڀيٽا طور شاعري پيش ڪئي جڏھن ته ناچيز ميمڻ ۽ رفيق احمد سومرو ڀيٽا جا مضمون پڙھيا.ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ، امداد شاھ، ايم بچل ميمڻ، معشوق منگواڻو، رفيق ميمڻ، سھراب خان ٻاٽي، خيال کتري ۽ مقصود قاضي جو چوڻ ھو ته گل حسن ڪلمتي سنڌ جو جاکوڙي اديب ھو، جنھن ڪيترائي ڪتاب لکيا خاص طور تي ڪراچي جي تاريخ تي زبردست تحقيق ڪئي.ھنن چيو ته اداڪارا شبيران چنا سنڌ جو ھڪ اھڙو ڪردار ھئي جيڪا نج سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ريتن رسمن کي نئين سر جياري ماڻھن جي دلين ۾ پنھنجو مقام جوڙيو .رياض ٻاٽي پنھنجي وقت جو بھترين اداڪار ۽ ملهه پھلوان سان گڏوگڏ ھڪ سماج سڌارڪ به ھو.ساڃاھ وندن جو چوڻ ھو ته پريل ڀنڀرو سماجي ڪمن ۾ سدائين اڳڀرو رھيو ان کان سواءِ صحافي عبدالڪريم ميمڻ ھڪ اورچ ۽ اڻٿڪ قلمڪار ھو. ميڙاڪي ۾ عبدالقادر بلالي، احمد خان جسڪاڻي، حسن ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.