ٺٽو ( رپورٽر)  ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويل بحران ۽ بجلي توڙي گئس جي ڊگھي لوڊشيڊينگ خلاف شهرين پاران آچر ڏينهن (اڄ) مڪلي ۾ ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي احتجاجي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ٺٽو واسين پريس ڪلب ٺٽي آڏو معمول جيان 71 هين ڏينهن به ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڪي ڊي اي واھ مان ٺٽو ۽ مڪلي واسين کي پيئڻ جي پاڻي جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ان موقعي تي شهرين ۽ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن جمِشيد قريشي ، دلاور شيخ ، لالا غفار ، ڊاڪٽر ولي جاکرو ، حافظ عباسي ، عرفان ماڻڪاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري چيو آهي ته هنن ٺٽي ٺٽي شهر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف احتجاج ڪندي 71 هون ڏينهن آهي پر هن مهل تائين ٺٽي جي چونڊيل عيوضين توڙي هتان جي ميونسپل ۽ ضلعي انتظاميه پاران شهر ۾ پاڻي واري پيدا ٿيل بحران جو نوٽس وٺي ڪي ڊي اي واھ مان مستقل بنيادن تي شهر واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جاري ناهي ڪئي وئي جڏهن ته هنن پاران پڻ چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيستائين ٺٽي شهر کي مستقل بنياد تي ڪي ڊي اي واھ مان پاڻي جي فراهمي جاري نه ڪئي ويندي تيستائين سندن هلندڙ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.