ڪوٽڙي (ن پ ا) ڄام شورو آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏيل سهڪار سان ليکڪ، ڪالم نگار محمد خان ابڙو سان رهاڻ ملهائي وئي تقريب ۾ محمد خان ابڙو کي علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض حسن ڪارڪردگي ايوارڊ سان به نوازيو ويو ۽ پڻ سندن سالگرھ جو ڪيڪ به ڪٽيو ويو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال ،حسين سارنگ ،گلبدن جاويد مرزا،مير عبدالرزاق تراب ،ڌڻي بخش باريجو،، مجيد اسماعيل بلوچ، لڪي عمراڻي مهمانن ۾ شامل هئا سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي سيڪريٽري محبوب سنڌي چيو ته  محمد خان ابڙو سنڌ جو سڄاڻ ليکڪ ۽ انسان دوست سماجي اڳواڻ آهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال چيو ته ليکڪ محمد خان ابڙو ڌرتيءَ جو بهادر ڪردار آهي، جنهن نثر ۾ قلمي پورهيو ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي،تقريب ۾ ادبي خدمتن عيوض گلبدن جاويد مرزا کي مخدوم طالب المولي’ ايوارڊ ۽ نوجوان سماجي اڳواڻ خليل شاھ کي عبدالڪريم بلوچ ايوارڊ سان نوازيو ويو، تقريب ۾ محمد خان ابڙو کي لونگين،اجرڪن ۽ گلن جا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته نوجوان راڳي فيضان سخيراڻي شاھ جي وائي ترنم ڳائي داد حاصل ڪيو.