حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گسٽا ۾ اختلاف برقرار، مهيسر گروپ پاران ڊسمبر ۽ جنوري ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ ٽيچرز ايسوسيئيشن (گسٽا) سنڌ جو مرڪزي اجلاس پريس ڪلب ۾ مرڪزي صدر مقصود مهيسر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صداقت چنا، محمد بچل ابڙو، حسين بخش خميساڻي، نياز حسين لنڊ، شهزادي ڀرڳڙي، غلام قادر کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نئين مرڪزي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين اعجاز کوسو، ميمبرن محمد يوسف جکڙ، محمد درس، عبدالجبار سومرو، جاويد سولنگي، حفيظ الله راشدي، ۽ مظهر علي مهر کي حلف پڻ کڻايو ويو. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن چيو ته گسٽا سنڌ جون 2022ع ۽ 2025ع جون چونڊون ڊسمبر ۽ جنوري ۾ ڪرايون وينديون. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين اعجازکوسو چيو ته گسٽا جي الڪشن ۾ سمورا سيڪنڊري استاد ووٽ ڏيندا جڏهن ته کين هر عهدي تي چونڊ وڙهڻ جو به حق حاصل هوندو. هن چيو ته مرڪزي چونڊن ۽ تعليم کاتي پاران 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي نئين سر اسڪروٽني لاءِ جاري ڪيل ليٽر جي واپسي سميت استادن جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي.