حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن ۾ سنڌ دوست پئنل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. سنڌ دوست پئنل پاران اميدوارن جي نامزدگي ڪندي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ تاج جويو، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ آزاد انور ڪانڌڙو، خزانچي لاءِ رمضان ميمڻ ۽ آڊيٽر لاءِ حسين سارنگ کي نامزد ڪيو ويو آهي. سنڌ دوست پئنل جي گڏجاڻي ۾ اميدوارن جي نامزدگي سان گڏ منشور به جاري ڪيو ويو آهي. پڌري ڪيل منشور ۾ چيو ويو آهي ته سندن پئنل چونڊن ۾ ڪاميابي بعد سنڌي ادبي سنگت کي ان جي بنيادي روح، روشن خيالي، رواداري، سيڪيولر، جمهوري ۽ سنڌ دوست روايتن جي واڌ ويجهه لاءِ جاکوڙيندو. سائبر ايج جي گهرجن موجب سنگت جي ويب سائيٽ قائم ڪئي ويندي، ڊجيٽل ۽ ورچيوئل پروگرامن جي انتظامن جي ڪوششن سان گڏ مرڪزي آفيس ۾ دادا گوبند مالهي لائبريري قائم ڪئي ويندي.