ميرپورماٿيلو (ن پ ا) تعليم کاتي گھوٽڪيءَ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي عارضي ڀرتين وارو معاملو رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ڊي اي او سيڪنڊري منظور لغاري استادن جي ڀرتين کي بوگس قرار ڏيندي جوائننگ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. ضلعي گھوٽڪي اندر 8 مھينا اڳ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور استادن جي عارضي ڀرتين لاءِ انٽريو ورتا ويا ھئا. بعد ۾ اڳوڻي ڊي اِي او سيڪنڊري 40  استادن کي  پراڻين تاريخن ۾ آفر ليٽر جاري ڪيا. تڏهوڪي ڊي اي او سيڪنڊري کي سيڪريٽري ايجوڪيشن گذريل آگسٽ ۾ معطل ڪري ڇڏيو هو. ھوڏانھن ڊي اي او سيڪنڊري منظور لغاري سمورن اسڪولن جي پرنسپالز ۽ ھيڊ ماسترن کي خط لکي استادن کي جوائننگ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. خط جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي ڀرتين وارو عمل مڪمل ناھي، نه وري ڀرتين جو آفيس رڪارڊ موجود آھي. جيڪڏھن ڪنھن به اسڪول جي ھيڊ ماستر يا پرنسپال ڄاڻايل اميدوارن کي جوائننگ ڏني ته اھي پاڻ ذميوار ھوندا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي اي او منظور لغاري ٻڌايو ته اڳوڻي ڊي اي او جن اميدوارن کي آرڊر ڏنا، انهن جو ڪو به رڪارڊ موجود ناھي، تنھن ڪري کين جوائننگ نه ڏني وڃي.