سڪرنڊ (ن پ ا) گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن گسٽا سنڌ جو مرڪزي اجلاس سنڌ جي صدر حاجي اشرف خاصخيلي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ مرڪزي عهديدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ گسٽا جي مرڪزي اليڪشن ڊويزن، ضلعي ۽ تعلقن جي چونڊ 2022-23 جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو، شيڊيول موجب تعلقن جي اليڪشن 20 ڊسمبر، ضلعن جي اليڪشن 31 ڊسمبر، ڊويزن جي اليڪشن پهرين جنوري ۽ مرڪزي اليڪشن 29 جنوري تي نوابشاهه ۾ ڪرائي ويندي، اجلاس ۾ گسٽا جي مرڪزي اڳواڻن ممتاز ڀنڀرو، حاجي نثار جروار، اقبال پنهور، طارق محمود سومرو، نورالدين پنهور، ثناءُ الله اوستو، فيروز مهر، شعيب قاضي، لقمان ڪيريو، الهبچايو کوسو، حيدر خانزادو، نظير سولنگي، عبدالوحيد ڀٽي، امام بخش زرداري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ زاهد حسين تڳيڙا کي مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.