حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن انتظاميا پنهنجا نوازي تحت ٻن جونيئر انجنيئرنگ مئنيجرن کي ترقيون ڏئي ڊپٽي ڪنٽرولر انجنيئرنگ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ترقيون ماڻيندڙن ۾ ياسر مصطفيٰ جو سينارٽي لسٽ ۾ نمبر 41 هون ۽ غلام مجدد جو سينارٽي لسٽ ۾ نمبر 66هون آهي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سينارٽي لسٽ تحت هن ڀيري 28 ۽ 40 نمبر تائين جي انجنيئرنگ مئنيجرن کي ڊپٽي ڪنٽرولر انجنيئرنگ جي عهدي تي ترقي ملڻي هئي پر رڳو ٻن جونيئر اي ايمز کي ترقيون ڏنيون آهن.  ترقيون نه ماڻيندڙ اي ايمز پي بي سي جي انتظاميا جي غير منصفاڻي فيصيلي سبب پريشان آهن ۽ انهن ان معاملي خلاف عدالت سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو آهي. سينارٽي لسٽ تحت 28 نمبر تي بشريٰ خان، خادم حسين، محمد عمران، محمد علي عباسي، چوڌري ذيشان يوسف، نعمان اڪرم، محمد حامد، علي اڪبر، انا الحق، مهتاب حيدر، محمد عرفان خان، شفيق الرحمان ۽ غلام قدير مهيسر کي ترقي ملڻي هئي. ياسر مصطفيٰ سنڌ سان تعلق رکندڙ اي ايم غلام قدير مهيسر کان به هڪ نمبر پوئتي آهي پر ان کي به ترقي ڏئي نوازيو ويو آهي.