ڪڻڪ خريداري ۽ سنڌ حڪومت لاءِ چئلينج

0
179
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

سنڌ حڪومت ڪڻڪ خريداري ۾ هن سال به ناڪام ٿيندي نظر اچي پئي، ڪڻڪ خريداري جو هدف 14 لک ميٽرڪ ٽن  مقرر ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين سنڌ حڪومت جي خوراڪ کاتي کي مقرر هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪا اهڙي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي آهي جنهن کي ڏسندي اهو محسوس ڪري سگھجي ته خوراڪ کاتي ۾ ڪامورن ۽ وزيرن جي تبديلي سان کاتي جي ڪارڪردگي ۾  ڪو سڌارو آيو آهي، جيتوڻيڪ خوراڪ کاتي ۾ هلندڙ سال جي خريداري کان اڳ نه رڳو سيڪريٽري ۽ وزير تبديل ڪيا ويا پر هر هفتي يا مهيني ۾ 2 کان 3 ڀيرا کاتي جي عملدارن جون گڏجاڻيون ڪري کين خريداري ۾ ڪاميابي لاءِ پاليسيون به جاري ڪيون ويون پر ان باوجود هن وقت تائين ڪارڪردگي اها سامهون آئي آهي ته صوبي ۾ ڪڻڪ رڳو مقرر ڪيل هدف مان 55 سيڪڙو خريد ٿي سگھي آهي! خوراڪ کاتي جي اختيارين پهريان ته بارداڻي جي ورهاست کان وٺي خريداري ۾ ڪاميابي لاءِ مختلف ضابطا جوڙيا هئا، ڪڻڪ جي هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۾ چرپر تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جنهن بعد وري اها پابندي ختم ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر پابندي لاڳو ڪئي وئي. مطلب ته هر حربو هلائڻ باوجود به کين ڪا ڪاميابي نه ملي سگھي آهي،

هن وقت خوراڪ کاتي پاران 14 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي مقرر هدف مان 7 لک 70 هزار 73 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي، جيڪا مقرر ڪيل هدف جو 55.38 سيڪڙو خريداري ٿئي ٿي. خيرپور ضلعي ۾ هڪ لک 45 هزار 445 ميٽرڪ ٽن هدف مان 82 هزار 818 ميٽرڪ ٽن، گھوٽڪي ضلعي ۾ هڪ لک 46 هزار 835 ميٽرڪ ٽن مان 53 هزار 859 ميٽرڪ ٽن، سکر ضلعي ۾ 80 هزار 830 ميٽرڪ ٽن مان 45 هزار 159 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري ڪئي وئي آهي. نوشهروفيروز ضلعي ۾ هڪ لک 33 هزار 820 ميٽرڪ ٽن مان 70 هزار 882 ميٽرڪ ٽن، سانگھڙ ۾ 85 هزار ميٽرڪ ٽن مان 83 هزار 42 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي، شهيد بينظير آباد ۾ هڪ لک 14 هزار 910 ميٽرڪ ٽن مان 78 هزار 332 ميٽرڪ ٽن، جيڪب آباد ۾ 58 هزار 240 ميٽرڪ ٽن مان 26 هزار 853 ميٽرڪ ٽن، ڪشمور ۾ 85 هزار 900 ميٽرڪ ٽن مان 30 هزار 232 ميٽرڪ ٽن، شڪارپور ضلعي ۾ 55 هزار ميٽرڪ ٽن مان 22 هزار 28 ميٽرڪ ٽن، قمبر شهدادڪوٽ مان هڪ لک 39 هزار 570 ميٽرڪ ٽن مان 71 هزار 800 ميٽرڪ ٽن، لاڙڪاڻي ۾ هڪ لک 10 هزار 60 ميٽرڪ ٽن مان 58 هزار 811 ميٽرڪ ٽن خريداري ٿي سگهي آهي،

ٿرپارڪر ضلعي ۾ 920 ميٽرڪ ٽن مقرر هدف مڪمل ڪيو ويو آهي، ميرپورخاص ۾ 25 هزار ميٽرڪ ٽن مان 14 هزار 548 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري ٿي سگھي آهي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ 15 هزار 320 ميٽرڪ ٽن مان 9 هزار 442 ميٽرڪ ٽن، دادو ۾ هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن مان 67 هزار 50 ميٽرڪ ٽن، ڄامشوري ۾ 40 هزار ميٽرڪ ٽن مان 27 هزار 119 ميٽرڪ ٽن، حيدرآباد ۾ 4 هزار ميٽرڪ ٽن مان 3 هزار 595 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري ٿي آهي، مٽياري ضلعي ۾ 10 هزار ميٽرڪ ٽن مان 7 هزار 726 ميٽرڪ ٽن، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 7 هزار 875 ميٽرڪ ٽن مان 6 هزار 347 ميٽرڪ ٽن، ٽنڊومحمد خان ۾ 6 هزار 920 ميٽرڪ ٽن مان 2 هزار 938 ميٽرڪ ٽن، بدين ۾ 7 هزار 250 ميٽرڪ ٽن مان 4 هزار 598 ميٽرڪ ٽن، ٺٽي ضلعي ۾ 7 هزار 105 ميٽرڪ ٽن مان هڪ هزار 767 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري ڪئي وئي آهي.  مجموعي طور تي صوبي جي سمورن ضلعن ۾ 7 لک 70 هزار 73 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريداري ڪئي وئي آهي.

         ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران هلندڙ سال ڪڻڪ خريداري لاءِ امدادي اگهه 2200 رپيا هجڻ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگھه في مڻ جي حساب سان 150 کان 200 رپين تائين مٿي هجڻ جي ڪري ڪڻڪ جي خريداري ۾ سمورن ضلعن ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي آهي. جڏهن ته مسلسل سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب ڪڻڪ جي پيداوار به گھٽ ٿي آهي، جنهن جي ڪري هلندڙ سال سنڌ حڪومت لاءِ ڪڻڪ خريداري جو مقرر ٽارگيٽ پورو ڪرڻ ممڪن نظر نه پيو اچي. هڪ طرف ڪڻڪ خريداري جي اها حالت آهي ته ٻئي طرف پاڻي جي کوٽ سبب به ٻين فصلن کي به ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گھرجي ته آبادگارن کي پاڻي ضرورت موجب ڏيڻ سان گڏ کين نقلي ڀاڻ کان بچائڻ لاءِ به قدم کنيا وڃن جيئن صوبي جي زرعي معيشت کي بچائي سگھجي، آبادگارن کي ڪڻڪ اگهه به مناسب ڏنو وڃي ۽ خريداري واري پراسيس کي نرم ڪيو وڃي جيئن ڪڻڪ جو ٽارگيٽ پورو ٿي سگھي.