سپريم ڪورٽ لوٽن خلاف فيصلو ڏئي اخلاقيات کي بچايو آهي: عمران خان

0
179
سپريم ڪورٽ لوٽن خلاف فيصلو
سپريم ڪورٽ لوٽن خلاف فيصلو ڏئي اخلاقيات کي بچايو آهي: عمران خان

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته لوٽن خلاف فيصلو ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ جا ٿورا مڃون ٿا، شڪر آهي سپريم ڪورٽ انهن جا ووٽ رد ڪري ڇڏيا

عمران خان ٽوئٽ ڪيو ته حمزا شهباز تون پنهنجِي شيرواني پاسي تي رکي ڇڏ، سپريم ڪورٽ اڄ اخلاقيات کي ڪِرڻ کان بچايو آهي

هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته شريف خاندان خلاف ڪرپشن ڪيسز به ٻڌي، ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته امريڪا جِي امپورٽيڊ حڪومت کي نٿا مڃون

عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان چونڊون چاهيون ٿا، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏيو ته ملڪ جِي قيادت ڪير ڪري