ڪچي پل ۾ جسقم جو ڌرڻو، سنڌ _ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل

0
240

ڪچي پل (ن پ ا) ڪچي پل ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف ڪچي پل ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ريلي ڪڍي وئي، ريلي مختلف جڳهن کان ٿيندي علي المرتضيٰ چونڪ تي پهتي جٿي ڪارڪن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معطل ڪري ڇڏي، ان موقعي تي اڳواڻن دريا خان کوسو ، نور احمد سنڌي ، ممتاز سنڌي ، عبدالحميد سنڌي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گرفتار ڪيل جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي جلد آزاد ڪيووڃي، هنن چيو 24 ڪلاڪن جي مهلت تي آزاد نه ڪيو ويو ته سنڌ بند ڪنداسين، هنن وڌيڪ چيو ته قومي تحريڪ کي نقصان ڏيڻ لاءِ شرپسندن بحريا ۾ باهيون ڏنيون جنهن سان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سميت جسقم جو ڪو تعلق ناهين جيڪو ڌرڻي دوران بار بار اسٽيج تان چيوسين، بحريا ۾ سازش تحت واقعا ڪرائي جسقم چيئرمين صنعان خان کي گرفتار ڪرائي بحريا خلاف ۽ سنڌ جي حقن جي جاکوڙ کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.