پاڪستان ريلويز پاران ٽرين حادثي جي فوتين ۽ زخمين لاءِ معاوضي جو اعلان

0
427

لاهور: پاڪستان ريلويز پاران ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيڻ وارن خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. ترجمان ريلويز جو چوڻ هو ته پاڪستان ريلويز پاليسي موجب ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن جي خاندانن کي معاوضي جي طور تي 15 – 15 لک رپيا ادا ڪندو. زخمي مسافرن کي معمولي ۽ شديد زخمن جي نوعيت موجب 50،000 کان 300،000 روپيا ڏنا ويندا. ريلوي ترجمان جو چوڻ هو ته ريلوي انتظاميه هنگامي بنيادن تي ريل حادثي جي متاثرين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ امدادي رقم جي فراهمي جو عمل پڻ جلد شروع ڪيو ويندو.