ڪٿي ٿا رهو، آمدني ڪيتري آهي، شادي ڪڏهن ٿيندي، مداحن جي سوالن تي بابر اعظم جو جواب

0
312
بابر اعظم کان ٽي-20 ۾

ڪراچي(م ڊ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم شادي ۽ آمدني بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي قومي ٽيم جي ڪپتان جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بابر اعظم کي گوگل تي سندس باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪيل سوالن جا جواب ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو

بابر اعظم ڪٿي رهندو آهي؟

رهائش بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بابر اعظم چيو ته هو لاهور ۾ رهندو آهي ۽ اتي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اتي جو کاڌو تمام گهڻو مشهور آهي ۽ مشهور ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ ڪرڪيٽ جا ليجنڊ لاهور جا ئي آهن

توهان ڪهڙو بيٽ استعمال ڪندا آهيو؟

بيٽ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ قومي ڪپتان چيو ته هو گرينڪل بيٽ استعمال ڪندو آهي جڏهن ته بيٽ جو وزن مختلف ملڪن جي اسٽيڊيم ۽ اتي استعمال ٿيندڙ بيٽن تي هوندو آهي

ڪپتان موجب هن وٽ 6 کان 7 بيٽس آهن، هو ڪوشش ڪندو آهي ته پنهنجي بيٽن جو تعداد گهٽ ڪري ڇو ته وڌيڪ بيٽ استعمال ڪرڻ سان مونجهارو پيدا ٿئي ٿو ۽ هو هميشه بهترين بيٽن سان کيڏندو آهي

آمدني ڪيتري آهي؟

بابر کان جڏهن سندس آمدني بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته هو پنهنجي آمدني ظاهر نه ڪندو پر ايترو ضرور چوندس ته سندس آمدني مداحن جي سوچ کان گهٽ ناهي

شادي ڪڏھن ڪندين؟

گوگل تي هڪ سوال قومي ڪپتان جي شادي بابت هو، اڪثر ماڻهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته بابر اعظم ڪڏهن شادي ڪري رهيو آهي، جنهن جي جواب ۾ بابر مداحن کي ٻڌايو ته هو في الحال شادي نه ڪري رهيو آهي ڇو ته سندس سمورو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي پر کيس خبر ناهي ته سندس شادي ڪڏهن ٿيندي، اها گهر وارن کي خبر آهي

آئيڊيل ڪير آهي؟

بابر ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊويليئرز کي پنهنجو آئيڊيل قرار ڏيندي چيو ته هو شروع کان ئي ان جي پيروي ۽ نقل ڪندو آيو آهي