منهنجي ڀڄڻ جا ڏينهن ختم ٿي ويا، شعيب اختر جي پوسٽ تي مداحن جون دعائون

0
287
منهنجي ڀڄڻ جا ڏينهن ختم ٿي ويا، شعيب اختر جي پوسٽ تي مداحن جون دعائون
منهنجي ڀڄڻ جا ڏينهن ختم ٿي ويا، شعيب اختر جي پوسٽ تي مداحن جون دعائون

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر پنهنجي مداحن کي پنهنجي سرجري بابت آگاهي ڏني آهي، شعيب اختر ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته سندس ڀڄڻ جا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن

اڳوڻي ڪرڪيٽر مداحن کي پنهنجي گوڏي جي سرجري بابت به آگاهه ڪيو ۽ لکيو ته هو جلد ئي گوڏي جي سرجري لاءِ آسٽريليا جي شهر ميلبورن وڃي رهيو آهي، ٻئي طرف شعيب اختر جي پوسٽ شيئر ٿيندي ئي مداح سندس صحتيابي لاءِ دعائون گهرڻ لڳا