پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊ ۾ ٻيهر ڳڻپ بعد تحريڪ انصاف جي وڌيڪ هڪ سيٽ گهٽجي  وئي، تعلقي سب ڊويزن بيٽني ۾ جي يو آءِ ڪامياب ٿي، تعلقي سب ڊويزن بيٽني ۾ ٻيهر ڳڻپ بعد تعلقي چيئرمين جو نتيجو تبديل ٿي ويو، جنهن بعد جي يو آءِ جي اميدوار کي ڪاميابي ملي آهي، تعلقي بيٽني ۾ جي يو آءِ جو مولانا انور بادشاهه  1021 ووٽ کڻي تعلقي چيئرمين چونڊجي ويو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي نور گُل کي 647 ووٽ مليا، تعلقي ۾ چونڊن بعد اميدوارن جي حامين جي احتجاج تي آر او ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو، واضح رهي ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ جي يو آءِ واضح ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ ان کي چيئرمين جون 17 ۽ ميئر جون 3 سيٽون مليون آهن، جڏهن ته هڪ به ميئر شپ تحريڪ انصاف جي حصي ۾ نه آيو.