سڪرنڊ/ٽنڊُالهيار/چمبڙ (نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي ملڪي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي  سنڌ هلائي رهيو آهي جيڪا اٽل حقيقت آهي ڇاڪاڻ جو ڪوئلو سنڌ ڏئي، گئس سنڌ ڏئي، زراعت سنڌ ڏئي ۽ روينيو سنڌ ڏئي اهي ئي ذريعا هوندا آهن، ملڪ کي معاشي طور هلائڻ لاءِ ھوندا آهن سڪرنڊ لڳ ڳوٺ مهر علي جمالي ۾ نامياري تعليمي ماهر رٽائرڊ ڊائريڪٽر راضي خان جمالي، ولي محمد جمالي جي رهائش گاهه تي سندس ڀاءُ امان الله جمالي جي وفات تي فاتحه خواني بعد ورڪرن کي خطاب ڪندي  چيو ته انشاءِ الله اهو ڏينهن پري ناهي جڏھن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ھوندو  ۽ غريب عوام پاور ۾ هوندي، جنهن ۾ اڳي کان وڌيڪ ماسٽر پلان هوندو، جنهن لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون پر اهو سڀ اوهان ورڪرن ۽ عوام جي طاقت سان ٿيندو. آصف علي زرداري اهو به چيو ته اسين اقتدار کان اڳي واعده گهٽ ڪندا آهيون پر اقتدار ۾ اچي عملي ڪم ڪندا آهيون جنهن جو مثال اهو آهي ته اسان اقتدار کان اڳ اهو نه چيو هو ته ارڙھين ترميم آڻينداسين، ڪي پي ڪي جو نالو رکنداسين يا بلوچستان کي حق ڏيارينداسين پر اهو سڀ اقتدار ۾ اچي ڪيوسين. جيڪڏھن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اها صرف ڳالهه به ڪريون ها ته اسان کي اقتدار نه ملي ها. هن وڌيڪ چيو ته جن کي ملڪ هلائڻ نٿو اچي اهي واڳون سنڀاليون ويٺا آهن اسين کين چئون ٿا جي ملڪ نٿو هلي ته اسان کي ڏيو پوءِ ڏسو ڪيئن ٿا هلايون هن وڌيڪ چيو مان جڏھن مختلف علائقن ۾ وڃان ٿو ماڻھن جي غربت ڏسي نه صرف ڏکارو ٿيان ٿو بلڪه ڪڏھن ڪڏھن اهو احساس ٿيندو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قيامت جي ڏينهن مونکان پڇي نه ته تو غريبن لاءِ ڇا ڪيو. ان ڪري اوهان جي طاقت سان هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائڻو پوندو ۽ عوام پاور ۾ ايندا ڇاڪاڻ جو اهو ئي غريب جو پاور آهي، منهنجي خواهش آهي ته ملڪ مان غربت ختم ٿئي ۽ غريب امير ٿئي. ان کان اڳ جمالي برادري پاران آصف علي زرداري جو ڳوٺ پهچڻ تي شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ان کان پوءِ مقبول جمالي جي وفات تي سندس پٽ علي خان جمالي سان تعزيت پڻ ڪئي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نوابشاهه کان پوءِ ٽن ڏينهن جي دوري تي چمبڙ ڀرسان ڳوٺ دريا خان مري پهتو، سندس شاندا استقبال ڪيو ويو. اڳوڻي صدر آصف علي زرادري پنهنجي ويجهي ساٿي غلام قادر مري سان ملاقات ڪئي ۽ هن جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪري ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي. آصف علي زرداري پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري تي ٽنڊوالهيار پهتو. پارٽي جا معاملات ۽ زرعي زمينن جو معائنو ڪندو جڏهن ته نئي تعمير ٿيندڙ بختاور آصفه ڀٽو هاوس جو دورو پڻ ڪندو.