خيرپور ناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ سنڌ سمارٽ ملاح آرگنائيزيشن پاران نائچ برداري جي زيادتين خلاف سوين ملاح برادري جي ماڻهن  ممتاز ملاح، وزير ملاح، نياز ملاح، مير ملاح، نالي مٺو ملاح،عبدالحميد ملاح، سڪندر ملاح ۽ اعظم ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر حال کان مهراڻ پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ملاح برادري جو چڱو مڙس سردار حاجي ايوب ملاح خيرپورناٿن شاھ ڀرسان پنهنجي خريد ڪيل زمين ڏسڻ آيو ته نائچ برادري جي ماڻهن قاتلانو حملو ڪيو ۽ مٿس انڌادنڌ فائرنگ ڪئي ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون هڻي شديد زخمي ڪري وڌو. هنن بالا آفيسرن کان مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ۽ مٿس داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.