ڪيچ ڊراپ ٿيندا ته ميچ ڪيئن کٽينداسين؟ عماد وسيم

0
526

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ)ڪراچي ڪگنز جي ڪپتان عماد وسيم چيو آهي ته ڪيچ ڊراپ ڪنداسين ته ميچ ڪيئن کٽينداسين، ابوظهبي ۾ کيڏيل پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 جي اهم ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني. ميچ کانپوءِ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم چيو ته ٽيم کي اڃا تائين گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسلام آباد خلاف خراب راند کيڏي ۽ کوڙ سارا ڪيچ ڊراپ ڪيا. واضح رهي ته پي ايس ايل جي 22هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ڏني هئي.