سنڌ جِي بجيٽ ۾ راندين واري کاتي جون 2 ارب 55 ڪروڙ 90 لکن جون اسڪيمون شامل

0
329

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جِي بجيٽ ۾ راندين وارَي کاتي جون 2 ارب 55 ڪروڙ 90 لک رُپين جون ترقياتي اسڪيمون ۾ به شامل، ايس بي اي گاجي گرائونڊ تي فيلڊ لائيٽس لڳائڻ ۽ الائيڊ ورڪس لاءِ 3 ڪروڙ 40 لک ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ خالد آباد اسپورٽس گرائونڊ جِي مرمت لاءِ 2 ڪروڙ 70 لک رُپيا رکڻ جِي سفارش ڪئي وئي، شڪارپور ۾ اسپورٽس هال جَي قيام ۽ ڄامشورو ۾ ڪرڪيٽ نَيٽ پريڪٽس ايريا ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو ويو، سانگهڙ ۾ جِم خانه ڪلب جِي مرمت لاءِ 3 ڪروڙ، گهوٽڪي جَي علائقي جروار ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ جِي اڏاوت لاءِ 2 ڪروڙ، حيدرآباد جَي علائقي قاسم آباد ۾ اسپورٽس گرائونڊ جِي بهتري لاءِ اڍائي ڪروڙ، ڪراچي ۾ نيپا گرائونڊ تي پليئرز هاسٽل جِي اڏاوت لاءِ ساڍا 4 ڪروڙ، هاڪِي اسٽيڊيم ۾ ڊجيٽل اسڪور بورڊ ۽ نئون بِليو سِنَٿَيٽِڪ هاڪِي ٽَرف لڳائڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا مخصوص ڪرڻ جِي سفارش ڪئي وئي. منگهوپير ۾ فٽ بال اسٽيڊيم جِي اڏاوت لاءِ 2 ڪروڙ، ميرپورخاص جَي گاما اسپورٽس ڪامپليڪس جِي بحالي لاءِ 2 ڪروڙ رُپيا رکيا ويا….