ڪيٽي جتوئي ۾ جتوئي- شاهاڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو

0
347
اوٻاوڙي مان مبينا

دادو (ن پ ا) ڪيٽي جتوئي ۾ جتوئي- شاهاڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، جتوئي ڌر الزام هنيو آهي ته شاهاڻي ڌر جَي هٿياربندن ٻن هارين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ جوابدار مشتاق شاهاڻي کي پڪڙي ورتو آهي، شاهاڻي ڌر جو موقف آهي ته هو فيصلي کي نٿا مڃن، ڪيس تان هٿ کڻڻ کان انڪار تي جتوئي ڌر ڊرامو ڪيو آهي.

غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ شاهاڻي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي، 2 مهينا اڳ دادو ۾ رفيق جمالي جي بنگلي تي نبيري دوران ڌرين مٿان 80 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ به جاري ٿي هئي.