آئين جِي شق 58 ٽو- بي ڪيترين ئي جمهوري حڪومتن جو خاتمو ڪيو:شھباز شريف

0
329

ڪراچي: اپوزيشن اڳواڻ شھباز شريف چيو آھي تھ آئين جِي شق 58 ٽو- بي ڪيترين ئي جمهوري حڪومتن جو خاتمو ڪيو، تڪراري شق جَي خاتمي لاءِ سردار عطاءُ الله مينگل اهم ڪردار ادا ڪيو، بلوچستان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي پر اُتي پاڻي ۽ بجلي جو سنگين مسئلو آهي، جمهوريت لاءِ سڀني صوبن جو احترام ڪرڻو پوندو.

 اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بي اين پي سربراهه اختر مينگل سان سندس والد عطاءُ الله مينگل جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، اختر مينگل چيو ته شهباز شريف جي طبيعت ٺيڪ ناهي، ڪراچي اچي تعزيت ڪرڻ تي سندس ٿورائتو آهيان: شهباز شريف ڪراچي جَي دوري دوران پارٽي اڳواڻن جي اجلاس جِي به صدارت ڪندو: پاڪستاني ڪرڪيٽر شاهد آفريدي به سردار اختر مينگل سان تعزيت ڪئي.