ڪيٽي بندر (ن پ ا) ڳاڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جوھو ويجهو 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 30 ورهين جي  مهاڻي يامين پٽ مجيد ملاح جو لاش کارڙو ڊوري ڍنڍ مان هٿ آيو، مقامي ماڻهن جي اطلاع تي پوليس ۽ وارثن پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان ڳاڙهو ٿاڻي جي وڏي منشي محمد يوسف هنڱرو ٻڌايو ته ابتدائي جاچ ۽ وارثن موجب نوجوان ٻڏي فوت ٿيو آهي، وارثن جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو آهي، مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، هوڏانهن فوتي نوجوان جي والد مجيد ملاح ٻڌايو ته پٽ 2 ڏينهن اڳ مڇي مارڻ کارڙو ڊوري ڍنڍ ويل هو، جتان پراسرار نموني گم ٿي ويو، اڄ اسان کي مهاڻن اطلاع ڪيو ته نوسجوان جو ڍنڍ مان لاش مليو آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، خدشو آهي ته پٽ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.