ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس عيدگاھ پاڙي ۾ مبينا مقابلي ۾ ھڪ نوجوان شاھد پٽ سچل شيخ کي زخمي حالت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.اي سيڪشن پوليس  موجب گوليمار واري علائقي ۾مقابلي بعد ڦورو شاهد شيخ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سول اسپتال منتقل ڪيو آهي.سچل شيخ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پٽ سنڌ بار ميمبر سينئر وڪيل عبدالغني بجاراڻي وٽ منشي گيري ڪري پيٽ گذر سفر ڪندو هو،  جنهن کي پوليس موبائل چوري الزام لڳائي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پوليس ٻين جي باهه پٽ مان ڪڍي آهي روزانو موٽرسائيڪل چوريون ۽ ڦر ٿي رهيا آهن پر پوليس اصل چورن ۽ ڦورن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ نوجوانن کي گوليون هڻي هاف فراءِ ڪري ٿي اهو ڪٿان جو انصاف آهي، پوليس ناجائزي جو وس وارا ادارا نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين. هوڏانهن سجاد شيخ جو چوڻ هو ته پوليس ڀاءَ کي ڪپڙي جي دڪان تان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀاءَ کي 2 سال ٿي چڪا آهن ڪپڙي جي دڪان تي مزدوري ڪري گهر جو چلهو هلائيندو آهي، پوليس هڪ کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي ڊپ آهي متان ڀاءَ کي به پوليس نقصان پهچائي. هن چيو ته پوليس هاف فراءِ ٿيندڙ نوجوان جي چرچ تي ڀاءَ کي کنڀيو آهي.ذريعن موجب ڪنڌڪوٽ پوليس چوري شده موبائيل فون ٽريس ڪندي موبائيل فون مرزانپور محلا جو رهواسي شبير احمد سومرو کان هٿ ڪئي جنهن بعد پوليس نوجوان شبير سومرو سميت 2 نوجوانن جو بيان رڪارڊ ڪيو. ذريعن موجب نوجوان شبير سومرو پوليس کي بيان ڏنو ته موبائل فياض شيخ کان پئسن عيوض ورتي جنهن بعد پوليس نوجوان شبير سومرو کان موبائل هٿ ڪرڻ بعد هن کي آزاد ڪري ڇڏيو.