ڪينيڊا ۾ شديد گرمي، زندگي جو نظام مفلوج، سوين ماڻھو فوت

0
596
ڪراچي: سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا
ڪراچي: سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سرد ترين ڪينيڊا ۾ قيامت واري گرمي زندگي جو نظام مفلوج ڪري ڇڏيو آھي، گرمي سبب ھن وقت تائين سوين ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن، غير ملڪي ميڊيا موجب گرمي شديد ٿيڻ سبب ڪينيڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا ۾ جمعي کان اڄ تائين فوت ٿيندڙن جو انگ 233 ٿي ويو آھي، جڏھن تھ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي، تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڪينڊا جي سرد ترين علائقي ۾ گرمي پد 49.5 ڊگري سينٽي تائين پھچي ويو آھي، رپورٽس موجب صرف برٽش ڪومبيا جي شھر وينڪوور ۾ 69 ماڻھو فوت ٿيا، گھٽ ۽ ٻوسٽ سبب فوت ٿيندڙن ۾ وڌيڪ وڏي عمر جا ماڻھو ۽ بيمار شامل آھن.